احسن اقبال نيب هٿان گرفتار، مفتاح اسماعيل ضمانت تي آزاد

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) نيب اسپورٽس ڪمپليڪس ڪيس ۾ ن ليگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال کي گرفتار ڪري ورتو، اڄ اڱاري تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، تفصيل موجب نيب احسن اقبال کي نارو وال اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير ۾ مبينا گهوٻين جي جاچ ۾ طلب ڪيو هو، نيب جي ترجمان احسن اقبال جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته کي نارو وال اسپورٽ ڪمپليڪس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻي وزير کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ياد رهي ته احسن اقبال جي خلاف نارو وال اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ گهوٻين جي جاچ ٿي رهي آهي، نيب راولپنڊي جي جاچ آفيسر پي ڊبليو ڊي جي ٽيم سان گڏ نارو وال جو دورو ڪري چڪو آهي، نيب جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته نيب راولپنڊي نارو وال اسپورٽس ڪامپليڪس ڪيس ۾ احسن اقبال کي گرفتار ڪيو آهي، گرفتاري کان ٿوري دير اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته احتساب کي سياسي ايجنڊا سان ڳنڍيو وڃي ته انتقام بڻجي ٿو، عمران خان عالمي ليڊر بڻجڻ هليو هو، گهرو استحڪام تباهه ٿي ويو آهي، هن چيو ته نارو وال اسپورٽس سٽي جو ڪيس ميڊيا اڳيان رکو، ميڊيا ٽرائيل بند ڪريو، عمران خان کي چوان ٿو ته ن ليگ ڌمڪين سان نه ڊڄندي، هن چيو ته ن ليگ جي حڪومت پراڻا مصنوبا مڪمل ڪيا، ن ليگ جي ڪامياب پاليسين بابت ڪوڙ ڳالهايو ويو، فارن فنڊنگ سان قوم جو  مينڊينٽ کسيو ويو، 15 مهينن ۾ 12 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، پاڪستان جيترو اعتماد وڄائي چڪو آهي، ماضي ائين نه هو، ملڪ کي حڪومت جي نالائقي ۽ تباهي کان بچائينداسين، هن چيو ته حڪومت نيب جو نالو پنهنجي ايجنڊا لاءِ استعمال ڪري رهي آهي ۽ نيب ذريعي مخالفن جي ڪردار ڪشي ڪري رهي آهي. ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري احسن اقبال جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو ته اپوزيشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته احسن اقبال جي گرفتاري نيب ۽ عمران خان جو ڳٺ جوڙ آهي، احسن اقبال کي خبر هئي ته کيس گرفتار ڪيو ويندو پر هو پنهنجي نظريي تي قا.ئم رهيو.   بئي طرف  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار ن ليگ جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي ضمانت منظور ڪري ورتي، سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ميان گل حسن تي ٻڌل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ن ليگ جي اڳواڻ پاران داخل درخوست تي مفتاح اسماعيل جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل تي الزام مڙهيو ويو ته ڪنسلٽنٽ جي مقرري غير قانوني ٿي، مفتاح اسماعيل جي وڪيل چيو ته ڪنسلٽنٽ کي يو ايس ايڊ لڳايو، مفتاح اسماعيل ان وقت سوئي سدرن گيس بورڊ ۾ نه هو، چيف جسٽس نيب کان پڇاڻو ڪيو ته مفتاح اسماعيل جو ڪيترو جسماني ريمانڊ ورتو ويو، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته مفتاح اسماعيل 49 ڏينهن نيب تحويل ۾ رهيو، جسٽس اطهر من الله پڇا ڪئي ته نيب جي مفتاح اسماعيل کان جاچ مڪمل ٿي وئي، جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته ايل اين جي ڪيس جي جاچ جاري آهي، عبوري ريفرنس داخل ڪيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سيڪريٽري پيٽروليم ايل اين جي ڪيس ۾ واعدي معاف شاهد بڻجي ويو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ايل اين جي ڪيس جي شاهدن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، عدالت نيب کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي شاهد کي ڌمڪي ڏني وئي، جنهن تي نيب ٻڌايو ته چيئرمين سوئي سدرن گيس ڪمپني ظهير صديقي شاهد آهي کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جسٽس گل حسن چيو ته ظهير صديقي پاڻ نيب ڪيسن جو جوابدار آهي، توهان جوابدار کي ڇو جيل ۾ رکڻ چاهيو ٿا، نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته مفتاح اسماعيل جي ٻاهر وڃڻ جو خدشو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين جوابدار بي گناهه سمجهيو وڃي ٿو، عدالت چيو ته اسان مفتاح اسماعيل کي پابند ڪريون ٿا ته هو آزاد ٿيڻ کانپوءِ روزانو جاچ آفيسر کي فون ڪندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ هڪ ڪروڙ رپين جي مچلڪن جي عيوض مفتاح اسماعيل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب پارٽي جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جي گرفتاري تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته احسن اقبال نواز شريف جو ساٿي ۽ مسلم ليگ ن جو جنرل سيڪريٽري آهي، هن کي هر هر پيغام ويندا رهيا ته نه ڳالهايو ۽ پوئتي هٽي وڃي پر هو ڄميل رهيو. هن چيو ته احسن اقبال جي 3 ڏينهن پهرين سرجري ٿي هئي ۽ ڪيترن ڏينهن کان اطلاع هئا ته احسن اقبال کي گرفتار ڪيو ويندو، جيترن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻو آهي ڪيو، ڌمڪيون ڏيو پر ن ليگ جو ميمبر ڄمي بيٺو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان نالائق، نااهل، سليڪٽڊ ۽ ڪوڙا آهن، نيب نيازي ڳٺ جوڙ جو هڪ ٻيو شاهڪار توهان جي سامهون آهي، احسن اقبال ڪجهه دير پهرين واضح ڪيو هو ته ڌمڪيون ۽ قيد جي باوجود ڄمي بيٺل رهندو، احسن اقبال جو اِهو قصور آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ نوجوانن کي اميد ڏني. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نارروال اسپورٽس سٽي جي منظوري احسن اقبال ناهي ڏني پر ان منصوبي جي منظوري پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڏني وئي، ملڪ جي خدمت ڪندڙن جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، نيب چيئرمين کي بي آر ٽي ۾ اربين کڏا نظر نٿا اچن، سياسي اتنقام جي لاءِ ادارن کي استعمال ڪندڙ اچ عبرت جو نشان بڻيل آهن. ن ليگ جي ترجمان چيو ته 15 مهينن کان ڪڏهن هڪ ته ٻئي کي جيل ۾ وجهي توهان لائق ٿي ويا، ڪوڙا الزام هنيا پيا وڃن ڇو ته حڪومت نالائق آهي، اسان نااهلن کي نااهل چونداسين ۽ نالائقن کي نالائق چونداسين، هي ملڪ ڪنهن اناڙي جي حوالي نه ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله مان ڪجهه ٻيو نه مليو ته 22 ڪلو هيروئن رکي وئي، عمران خان جي وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي، ڪرائي جا ترجمان اڃان ڪجهه دير ٽي وي تي ويهندا پر جڏهن ثبوت گهرو ته عدالت ۾ ڪو ثبوت ناهي ڏنو ويندو. هي به پڙهي سگهو ٿا:نيب ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي گرفتار ڪري ورتو ليگي ترجمان موجب پارٽي صدر شهباز شريف احسن اقبال جي گرفتاري تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جاوب ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نيب سان سهڪار جو مطلب آهي خاموشي، زبان بندي ۽ عمران خان کي نالائق ۽ چو نه چئو پر اسان اهڙو سهڪار نه ڪنداسين، احسن اقبال ڏاڍو فعال هو، ڄمي سچ ڳالهائيندو رهيو ۽ اِهو ئي هن جو قصور آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *