قوم جي معاشي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ پنهنجي انجام تي پهچي رهيا آهن: فردوس عاشق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف جهاد جو علم ڀرپور قوت سان بلند رکيو آهي، قوم جي معاشي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ پنهنجي انجام تي پهچي رهيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته  قومي ناڻي کي بي رحمي سان لُٽيندڙن کي قوم چڱي طرح ڄاڻي ٿي، ڪا ڪوڙي پروپئگنڊا هاڻ انهن کي گمراهه نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته فارن فنڊنگ جو اهي گوڙ ڪري رهيا آهن، جيڪي آل اولاد ۽ فارن اڪائونٽن سميت فارن ۾ رهندڙ آهن، پاڻ اليڪشن ڪميشن ۾ تاريخون وٺي رهيا آهن، احسن اقبال اڃا تائين مراد سعيد جي 5 سوالن جا جواب ڏيڻ کان قاصر آهي، نيب کا ڇا جواب ڏيندو؟ سندس چوڻ هو ته عمران خان ادارن کي طاقتورن جي چنبي مان آزاد ڪري بااختيار بڻايو آهي، انهن کي تڪليف اها آهي ته قانون انهن کان مٿانهون ڪيئن ٿي ويو؟ ليگي ترجمانن طرفان ڪرپشن جو ڪوڙ ۽ هَٺَ سان بچاءُ ڪرڻ شرم جوڳو آهي، ليگي قيادت جا اعمال انهن جي سامهون اچي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *