ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خبر، ايشيا ڪپ 2020 پاڪستان ۾ ٿيندو

ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايندڙ سال آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي ميزباني/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

ڪندو پر ميچون ڪهڙن شهرن ۾ ٿينديون، ان جو فيصلو پوءِ ٿيندو.ان ڳالهه جو فيصلو سنگاپور ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پي سي بي چيئرمين احسان ماني ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جي اختيارين پڻ شرڪت ڪئي.پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته آسٽريليا ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آڪٽوبر ۾ ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ميزباني سيپٽمبر ۾ ڪندو.پاڪستان آخري ڀيرو 2008 ۾ 50 اوورن جي ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪئي هئي، جنهن جون ميچون ڪراچي ۾ ٿيون هيون، ايندڙ سال ايشيا ڪپ جي ميزباني لاءِ شهرن جا نالا فائنل ڪرڻ جي تياري جلد شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *