ويرات ڪوهلي به پاڪستاني سوشل ميڊيا اسٽار احمد جو مداح نڪتو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) هڪ ويڊيو سان شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني سوشل ميڊيا اسٽار احمد شاهه جا ديوانا پاڪستان ۾ ته موجود آهن پر ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي به احمد جو ديوانو نڪتو.تازو ئي ڀارتي ڪپتان جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو احمد جي انداز ۾ “اوئي پيڇي تو ديکو” چوندي نظر اچي رهيو آهي. احمد جي پرستارن ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي به شامل ٿي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 06

ويو آهي. ڀارتي ڪپتان جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هو احمد جي انداز ۾ “اوئي پيڇي ديکو” چوندي نظر اچي رهيو آهي. احمد جي ان انداز رڳو ڪوهلي کي ئي نه پر سموري پاڪستان کي ديواڻو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل احمد شاهه جي ٻين ويڊيوز مان ان ويڊيو کي گھڻو پسند ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *