”قومي سلامتي داءَ تي لڳائيندڙن کي ڪا رعايت نه ملندي”: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ واضح ڪندي چيو آهي ته سرڪاري رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙن ۽ قومي سلامتي داءَ تي لڳائيندڙن کي ڪا رعايت نه ملندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪجهه شرپسند قبيلائي علائقن جي ترقي جي رستي ۾ رنڊڪ وجهي رهيا آهن، اجلاس ۾ اتر وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته شهيد ايف سي اهلڪار لاءِ دعا به ڪئي وئي. هن واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙن فوجي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، قبيلائي عوام کي ورغلامي جٿي جي صورت ۾ حملي لاءِ آندو ويو، شرپسند باهرين ايجنڊا تي انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ قبيلائي علائقن جو امن داءَ تي لڳائي رهيا آهن، پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ قومي سلامتي داءَ تي لڳائيندڙن کي ڪا رعايت نه ملندي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان قبيلائي علائقن ۾ امن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، وزيراعظم اتي وڃي عوام کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ اتي ترقي لاءِ 102 ارب رپين جا فنڊ رکيا ويا. فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ۾ ٻارن سان زيادتي جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم انٽرنيٽ جي غلط استعمال بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، هن لاڳاپيل اختيارين کي ٻارن تي جنسي تشدد جي روڪٿام لاءِ خاص قدم کڻڻ ۽ ٻارن جو جنسي استحصال ڪندڙن کي موت جي سزا ڏيڻ لاءِ اثرائتي قانون سازي جي به هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *