ڪرپشن ملڪ کي اُڏوهي جيان کائي رهي آهي، بادشاهه جو احتساب ڪنداسين: عمران خان

بنون (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن هن ملڪ کي اُڏوهي جيان کائي رهي آهي، ڪرپشن جو مقابلو ڪري ڪرپشن جي بادشاهه نواز شريف جو احتساب ڪنداسين، جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ  هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نواز شريف انهي جڳهه تي جلسو ڪري رهيو هو، مولانا فضل الرحمان ۽ اڪرم دراني للڪاريو ته بنون اچي ويس، الله پاڪستان کي تقدير مٽائڻ جو موقعو ڏنو آهي، جيڪڏهن اسان سچ ۽ حق تي بيهه وڃون ته پوءِ نئون پاڪستان ٺاهي سگهنداسين، نواز شريف هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم سان سچ ڳالهايو، نواز شريف اوهان جا ڪيترا اثاثا آهن ۽ ڪٿي آهن، اسان اوهان کان سچ پڇُڻ چاهيون ٿا، سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي دنيا جي ٽاپ ايئرلائين هئي، پاڪستان جي ڊگري سڄي دنيا ۾ مڃي ويندي هئي، پاناما ليڪس معاملي تي نواز شريف قوم کي جواب ڏي، قوم غريب ۽ نواز شريف امير ٿي ويو آهي، 8 سالن ۾ نواز شريف 3 فيڪٽرين مان 28 فيڪٽريون ٺاهي ڇڏيو، توهان اقتدار ۾ ڪرپشن ۽ ڪاروبار وڌائڻ آيا آهيو، نواز شريف ٽيڪس ناهي ڏيندو مني لانڊرنگ ڪندو آهي، مٿان کان احتساب شروع ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *