سنگين غداري ڪيس: پرويز مشرف اشتهاري قرار، اثاثن جا تفصيل طلب

اسلام آباد(بيورو) خصوصي عدالت سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس جائيداد جي تفصيل گهري ورتي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي ضمانتي راشد قريشي، جوائنٽ گهرو سيڪريٽري مبارڪ، گهرو سيڪريٽري عارف خان، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي مقصود الحسن خصوصي عدالت جي روبرو پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت جي پڇاڻي تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي ٽيم مشرف جي اسلام آباد ۽ ڪراچي واري گهر به وئي هئي تنهن هوندي هو ٻه سال اڳ ڪراچي آيو جنهن کان پوءِ 18 مارچ تي هو اُتان هليو ويو. پرويز مشرف پرڏيهه وڃي چڪو آهي ۽ ان ڪري عدالت ۾ پيش ناهي ٿي سگهيو. عدالت جي وري وري طلب ڪرڻ باوجود پرويز مشرف جي پيش نه ٿيڻ تي کيس اشتهاري قرار ڏيندي هڪ اردو ۽ هڪ انگريزي اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته اشتهار عدالت جي نوٽس بورڊ ۽ پرويز مشرف جي گهرن جي ٻاهران لڳايا وڃن جڏهن ته عدالت جوابدار جي اثاثن جي تفصيل به گهري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *