سنجي ليلا ڀنسالي اداڪار شاهه رخ خان کي فلم جي آڇ ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي اداڪار شاهه رخ خان کي پنهنجي نئين فلم ۾ ڪردار جي آڇ ڪري ڇڏي. بالي ووڊ سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي اداڪار شاهه رخ خان کي پنهنجي نئين فلم، جنهن جو نالو اڃا ناهي رکيو ويو ۾ ڪردار جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب اداڪار شاهه رخ خان ان آڇ تي سوچڻ لاءِ وقت گهريو آهي ۽ سنجي هاڻي سندس هاڪاري جواب جو منتظر آهي. واضح رهي ته سنجي ۽ شاه رخ خان 2002ع ۾ سپرهٽ فلم ديوداس م گڏ ڪم ڪري چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *