ڪرپشن فري پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ميگا وائٽ ڪالر ڪرائمز کي انجام تائين پهچائينداسين: نيب چيئرمين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن فري پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ميگا وائٽ ڪالر ڪرائمز کي انجام تائين پهچائينداسين. تفصيل موجب اڄ نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ جائزي بابت خاص اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تقرير ڪندي نيب چيئرمين چيو ته ڪرپشن فري پاڪستان اسان جو ٽارگيٽ آهي، گذريل هڪ سال ۾ 600 ريفرنسز عدالتن ۾ داخل ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته ڪيسن جي پيروي جي لاءِ قانوني  سهڪار فراهم ڪري رهيا آهيون، نيب سمورن ڪيسن کي اُڪلائڻ جي لاءِ 10 مهينن جو عرصو مقرر ڪري رکيو آهي. بريفنگ کان پوءِ نيب چيئرمين هدايت ڪئي ته آفيسر هر ڪيس جي ڊائري تيار ڪن، جيڪي خاص ۽ اهم آهن، آفيسرن جي ريسرچ جي لاءِ نيب هيڊ ڪوارٽر لائبريري به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کان فائدو ورتو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *