مٺي: معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص جاري، غذائي کوٽ سبب 5 ٻارڙا فوت

مٺي(م.ڊ) مٺي ۾ معصوم ٻارڙن تي موت جو رقص جاري آهي، سول اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ مختلف بيمارين ۽ غذائي کوٽ سبب پنج ٻارڙا فوت ٿي ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ اوڻ جو وانڊيو جي رهواسي ايشور ڪولهي جو تازو ڄاول پٽ، ڀورو جو هڪ ڏينهن جو پٽ، ڳوٺ مٺڙيو اوٺا جي رهواسي رزاق اوٺو جو تازو ڄاول ٻارڙو ،ڳوٺ چڻيندا جي رهواسي پرڪاش جو هڪ ڏينهن جو پٽ اوم ۽ ڳوٺ چوپڻي جي رهواسي ڪيول ڪولهي جي تازي ڄاول  نياڻي فوت ٿي وئي. سول اسپتال مٺي سميت ٻين شهرن جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جئين جو تئين برقرار آهي، جنهن سبب ٿرواسي سخت پريشان آهن. معصوم ٻارڙن جون فوتگيون رڪجي ناهن سگهيون، غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، پر سنڌ حڪومت ڪو خاص ڌيان ناهي ڏنو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *