برطانوي اخبار خلاف ساک کي نقصان جي دعويٰ داخل، عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس: شهباز شريف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف زلي متاثرن جي امداد چوري ڪرڻ جو الزام هڻندڙ برطانوي اخبار ڊيلي ميل خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف برطانوي اخبار ڊيلي ميل خلاف باضابطا ڪارروائي لاءِ برطانيا جي مشهور  لا فرم ڪارٽر ريڪ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن جيڪا برطانيا ۾ سندس ڪيس وڙهنديون. لا فرم جو چوڻ آهي ته اخبار ۾ ڪيل شهباز شريف بابت دعويٰ نهايت تڪراري آهي.  ٻئي طرف شهباز شريف پنهنجي دعويٰ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته الزامن ۾ سچائي هجي ته گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي، حڪومت جي اشاري تي منهنجي خلاف سياسي بنيادن تي خبر هلائي وئي آهي. مسلم ليگ ن جي صدر موقف اختيار ڪيو ته 2005ع ۾ زلزلي وقت برطانيا ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هيس، پنهنجي ساک پياري آهي، برطانوي عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *