ڪرپشن شڪايتن جي انڪوائري ۾ غير ضروري التوا : سپريم ڪورٽ نيب چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڪرپشن شڪايتن جي انڪوائري ۾ غير ضروري التوا تي چيئرمين نيب قمرزمان چوڌري کي هڪ هفتي کان پوءِ طلب ڪري ورتو آهي جمعي تي نيب پاران ڪرپشن شڪايتن جي انڪوائري ۾ غير ضروري ڊيگهه بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ ڪئي جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي سربراهه اشرف مگسي پاران غير قانوني مقررين بابت انڪوائري چئن سالن کان هلي رهي آهي چئن سالن ۾ انڪوائري مڪمل نه ٿي ۽ نه ئي ريفرنس داخل ٿيو انڪوائري مڪمل ڪرڻ ۾ وڌيڪ ڪيترو وقت لڳندو جسٽس دوست محمد ريمارڪس ڏنا ته احتساب قانون جي ڪجهه شقن تي نظرثاني جي ضرورت آهي عدالت ايندڙ ٻڌني تي چيئرمين نيب کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب اپيل ڪئي ته چيئر.مين جي جاءِ پراسيڪيوٽر جنرل کي طلب ڪيو جسٽس طارق پرويز چيو ته ڪمال ڪريو ٿا ڇا چيئرمين نيب کي عدالت اچڻ ۾ شرم اچي ٿو ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *