آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان فرانس جي بچاءَ ۽ قومي سلامتي بابت جنرل سيڪريٽري جي ملاقات

راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان فرانس جي دفاع ۽ قومي سلامتي بابت جنرل سيڪريٽري لوئس گوٽيئر جمعي تي جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات ۾ جنرل سيڪريٽري پاڪستان سان دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات ۾ خطي جي جملي سيڪيورٽي صورتحال به غور هيٺ آندي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *