سياست کي تخليقي ماڻهن جي ضرورت آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ميڊيا ٽائون جي توسيع ۽ ميڊيا جي نون ماڻهن جي هائوسنگ جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ميڊيا ٽائون ٻين سوسائٽين لاءِ هڪ مثال بڻجي چڪو ماضي ۾ پنجاب حڪومت مان ويندڙن شهبازشريف کي خزانو خالي ڪري صرف منصوبن جو قبرستان ڏيئي ويا سياست کي تخليقي ماڻهن جي ضرورت آهي سردار عتيق مسلم ڪانفرنس کي آمريت جي هٿ جي لٺ ۽ کيسي جي گهڙي بڻايو جمهوري قوتن کي آمريت جو هٿيار نه بڻجڻ گهرجي آمريت کي صرف زوال ۽ جمهوريت کي عروج حاصل آهي ماڻهو سياست ۾ پلاٽن تي قبضو ڪرڻ اچن ٿا پر مشتاق منهاس هڪ ايماندار شخص آهي اميد آهي ته هو سياست جي ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ خاص ڪردارف ادا ڪندو هن ڳالهه جو اظهار هن جمعي تي ميڊيا ٽائون هائوسنگ سوسائٽي جي سيڪريٽري فاروق فيصل پاران نيشنل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ مشهور اينڪر پرنس مشتاق منهاس جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته مشتاق منهاس فاروق فيصل ۽ افضل بٽ سميت ٻين ساتين صحافين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وڏيون ڪوشش ڪيون آهن ۽ هر ڪم نيڪ نيتي ۽ محبت سان ڪيو جنهن سبب کين ڪاميابي ملي ميڊيا ٽائون هائوسنگ سوسائٽي رٿا ۾ ڪيترائي ڀيرا ان کي ٽاريو ويو پر مشتاق منهاس ۽ ٻين ساٿين جي دلڇسپي ۾ گهٽتائي نه آئي ۽ اڄ ميڊيا ٽائون جو منصوبو سڀني آڏو آهي جيڪو ملڪ جي سڀ کان ڪامياب هائوسنگ منصوبن مان هڪ آهي جيڪو حڪومت جي آمدني ۾ اضافو به ڪري رهيو آهي جنهن تي انتظاميه کي واڌايون ڏجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *