ڪرپشن جي ڪيسن جي انڪوائري جلد مڪمل ڪري ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن: منظور وساڻ

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ کي اڱاري تي سندس دفتر سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ چيئرمين انٽي ڪرپشن انڪوائريز اينڊ اسٽبيلشمينٽ سنڌ سيد ذاڪر حسين پنهنجي ماتحت آفيسرن سان گڏ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ پيش ڪئي ان موقعي تي منظور حسين وساڻ چيئرمين انڪوائري اينڊ انٽي ڪرپشن سنڌ کي هدايت ڪئي ته ڪرپشن ۾ ملوث ملازمن جي خلاف انڪوائريزجلد مڪمل ڪئي وڃي ۽ غير قانوني ڪارروائين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي هن هدايت ڪئي ته انڪوائري دوران ڪنهن قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن سان زيادتي ٿيڻ ڏني وڃي جڏهن ته ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي قانون مان سزا ڏياري وڃي ان موقعي تي سيد ذاڪر حسين چيو ته تمام انڪوائريز کي جلد کان جلد مڪمل ڪري ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ آفيسرن کي ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي ويئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *