ڏوڪري جي مشهور سماجي ڪارڪن ماما رمضان ساريو کي سماجي ڪم ڪرڻ تي بااثر ماڻهون ڌمڪيون ڏيڻ لڳا

ڏوڪري(نمائندو)ڏوڪري جي مشهور سماجي ڪارڪن ماما رمضان ساريو کي سماجي ڪم ڪرڻ تي بااثر ماڻهن جون ڌمڪيون، ماما رمضان ساريو طرفان ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق ڏوڪري جي مشهور سماجي ڪارڪن ۽ انسان دوست شخصيت ماما رمضان ساريو کي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عيد گاهه ٺهرائڻ تان ابڙا برادري جي بااثر ماڻهن طرفان موتمار ڌمڪيون ڏنيون. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي مشهور سماجي ڪارڪن ماما رمضان ساريو چيو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ عيد گاهه جي سخت ضرورت هئي، جنهن لاءِ چندو ڪري عيدگاهه ٺهرائڻ واري معاملي تان ابڙا برادري جي اعجاز علي ابڙو، عبدالغفار، محمد آچر ۽ علي گل ابڙوساڻس بداخلاقي ڪندي کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون آهن. هن چيو ته سماجي ڪارڪن جي زندگي جو مقصد عوام جي خدمت آهي، کيس عوام جي خدمت ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته کيس موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف مهيا ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *