شڪارپور لڳ ٽن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، 6 ڄڻا مارجي ويا

شڪارپور (ڊ.ر) لکي غلام شاهه ويجهو مڱڻيجا، جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٽن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، پوليس   واقعي واري هنڌ نه پهچڻ سبب ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. جوڻيجن  جي وانڍ واري علائقي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري مڱڻيجا برادري جي چڱي مڙس غلام قادر ۽ ظهير مڱڻيجو کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻن ڄڻن جي قتل کانپوءِ ڌرين  هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ چار ڄڻا نظام الدين جوڻيجو ۽ هدايت الله مڱڻيجو  سميت مارجي ويا. جهيڙي دوران ڌرين ۾ فائرنگ جو  سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پوليس نه پهچڻ سبب مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن.  2 سال اڳ ٽنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان شروع ٿيل جهيڙو هيل تائين 15 انساني حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، پر پوليس تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *