ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ تي نواز شريف ججن تي حملا ڪري رهيو آهي: عمران خان

چترال/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آيه ته ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ تي نواز شريف ججن تي حملا ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف کي پنهنجي ان حرڪتن تي شرم اچڻ گهرجي. هو ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ تي ججن تي حملا ڪري رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف قوم کان لٽيل ارب رپيا بچائڻ لاءِ رياستي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي پويا آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين  عمران خان جلسي کي خطاب ڪندي چيو جيڪڏهن بلدياتي نظام صحيح ڪيو وڃي ته عوام جي زندگي آسان ٿي ويندي آهي جڏه نته غريب ماڻهن کي مسئلن مان ڪڍڻ ئي سٺي ليڊر جو ڪم آهي ملڪ جي تاريخ جو بهترين نظام اسان ڏنو ۽ اختيار بلدياتي نمائندن کي ڏنا هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ بلدياتي نظام ۾ وڌيڪ تبديليون آڻينداسين ته جيئن عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن عمران خان مخالفن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو هن چيو ته مظلوم شڪل ٺاهي چيو وڃي ٿو ته مون ڇو ڪڍيو جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تي الزام لڳايو ته هن ۹۴ ارب روپيا ليگي ايم اين ايز ۾ ورهايا، پارليامينٽيرينز جو ڪم صرف قانونسازي ڪرڻ آهي پر انهن کي ترقياتي ڪمن تي لڳايو ويو جنهن سان قومي ۽ صوابئي اسميبلين جي اليڪشن مهانگي ٿي وئي عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي تباهي ۱۹۸۵ع کان شروع ٿي ۽ ملڪ هاڻ قرضن ۾ ٻڏيو پيو آهي اڄ عوام تي پئسو خرچ ٿيڻ بجاءِ کيسن ۾ پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن کي پئسا نه ڏنا ويندا جڏهن ته اقتدار کانپوءِ پهرين ايمرجنسي تعليم ۾ لڳائينداسين ڇو ته ننڍي کنڊ ۾ اڄ سڀ کان گهٽ تعليم پاڪستان ۾ آهي ٻئين ايمرجنسي ماحوليات تي لڳائي ويندي ڇو ته ماحوليات جنهن تباهي تي آهي اهڙي ماضي ۾ ڪڏهن به نه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *