آدم شماري انگ اکرن تي رڳو کلي سگهجي ٿو، اعتبار نٿو ڪري سگهجي: تاج حيدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته انگريز دور ۾ آدمشماري تي ڪڏهن اعتراض ناهي ڪيو ويو، اڄ آدمشماري جا نتيجا تڪراري آهن، هن چيو ته اڄ قوم متفق آهي ته آدم شماري ۾ گڙ ٻڙ ٿي آهي، گهر شماري نتيجن ۾ سنڌ جي آبادي ملڪ جي 31 سيڪڙو کان گهٽ نٿي بڻجي، هن چيو ته گهر شماري جي نتيجن ۾ پنجاب جي ابادي 46 سيڪڙو کان وڌيڪ نٿي بڻجي، لوڪل باڊي اليڪشن 2013 ۾ ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 13 لک ٻڌائي وئي، اڄ آدم شماري ۾ ڪراچي جي آبادي 2013 کان 50 لک گهٽ ٿي وئي، سنڌ جي وڏي وزير چيو هيو آدم شماري بلاڪس جا تفصيل شيئر ڪري وٺو، هن چيو ته وڏي وزير کي چيو ويو ته اهو راز جو معاملو آهي، آدم شماري انگ اکرن تي رڳو کلي سگهجي ٿو، اعتبار نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان نادرا جي انگن اکرن تي اعتبار ڪريون يا شماريات ڊويزن تي، اسان واحد آبادي جو رجسٽر ڇو نٿا رکي سگهون، هڪ سٺي ڊيٽا کي خراب ڪرڻ لاءِ 18 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، آبادي جي تفصيلن کي انٽرنيٽ تي ڇو نٿو وجهي سگهجي، آدم شماري جي معاملي کي منجهايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *