متحده ۽ پي ايس پي جو هڪ ٿيڻ جو فيصلو، ايندڙ چونڊن ۾ هڪ منشور ۽ هڪ پارٽي نالي سان حصو وٺنداسين: فاروق ستار/مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته اڄ اهم واقعو پيش اچي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ ووٽ جي ورهاست کي بچايو وڃي، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته سنڌ ۽ ڪراچي ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آهن، ميڊيا ۽ پريس ڪلب ميمبرن جا ٿورا مڃا ٿو، اسان کي پاڪستان کي قيادت فراهم ڪرڻي آهي، ڪراچي ۽ صوبي سنڌ جي جماعتن مسئلن کي محسوس ڪيو، متحده ۽ پي ايس کي هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، عدم تشدد ۽ ٽڪراءَ واري پاليسي کي هر حال ۾ ڪامياب ڪيو وڃي، پاڪستان، سنڌ ۽ ڪراچي ڪيترن مسئلن ۾ گهيريل آهن، هن چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته ورڪنگ رليشن شپ يا سياسي اتحاد آڻيون، وڏيرن شهري علائقن ۾ به قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل ڪوششون ڪريون، سياسي اتحاد قائم ڪريون، ايندڙ چونڊون هڪ نالي ۽ منشور سان گڏ وڙهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *