ڪرينا نه ئي پريانڪا بادشاهو ۾ اجي ديوگن جي هيروئن لاءِ وري ايشا گپتا جو ڪڻو نڪري آيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم بادشاهو لاءِ هيروئن جو ڪڻو هاڻ وري ايشا گپتا جو نڪتو آهي، اجي ديوگن  جي فلم بادشاهو لاءِ هن وقت تائين مختلف اداڪارائن جا نالا هيروئن طور سامهون ايندا ۽ رد ٿيندا رهيا آهن ۽ هاڻ ان لسٽ ۾ نئون نالو ايشا گپتا جو آيو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق شروع ۾ اهي خبرون هيون ته اجي جي هيروئن لاءِ ڪرينا ڪپور جي چونڊ ٿي آهي پر فلمسازن چيو ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ۽ ڪرينا فلم جو حصو ناهي، ان کانپوءِ اهي افواهه هئا ته پريانڪا چوپڙا اجي جي هيروئن هوندي پر اهي به رد ڪيا ويا، اهي ريت شروتي هاسن ۽ وري ليزا هيڊن جا نالا به بادشاهو جي هيروئن طور سامهون آيا پر اهي ڳالهيون به ڪوڙيون قرار ڏنيون ويون، جنهن کانپوءِ چيو ويو ته نرگس فخري  جو نالو طئه ٿي ويو آهي پر هاڻ وري ان کي به افواهه قرار ڏيندي چيو پيو وڃي ته اجي جي هيروئن طور ايسا گپتا جو ڪڻو نڪتو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق هاڻ لڳي ٿو ته ايشا ئي فائنل ٿي آهي پر وري به لاڳيتن افواهن ۽ ترديدن کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن مهل ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *