جيڪب آباد: گهوٽ شادي جي پهرين رات ڪنوار کي قتل ڪري ڇڏيو، خوشيون ماتم ۾ تبديل

جيڪب آباد(ڊ.ر) جيڪب آباد ۾ ظالم مڙس شادي جي پهرين ئي رات نوجوان زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪيس داخل، علائقي ۾ ڪارنهن جا چوٻول، خبر موجب: جيڪب آباد جي سول لائين ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ ظالم مڙس قلندر بخش کوکر پنهنجي نوجوان زال 19ورهين جي خانزادي ڌيءَ لال محمد لاشاري کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولڻ جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نئين ڪنوار جو لاش گهر پهچڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ۾ ٿي ويون. مقتولڻ ڪنوار جي پيءُ لال محمد لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته قلندڙ بخش کوکر منهنجي زال جو ڀائٽو آهي جنهن کي پنهنجي نياڻي پرڻائي ڏني ۽ هن لانئون لهڻ بعد ڪمري ۾ منهنجي معصو نياڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار ٿي ويو اسين جڏهن صبح جو سندس ڪمري وٽ پهتاسين ته ڪمري جو دروازو کليل هو ۽ منهنجي نياڻي جو لاش اندر پيل هو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو هو مونکي ڪا خبر ڪونهي ته هن منهنجي معصوم بي ڏوهه نياڻي کي ڇو قتل ڪيو آهي کيس ڪڏهن به معاف ڪو نه ڪندس. ٻئي پاسي حد جي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون هن مهل تائين قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته مقولڻ جي ڀاءُ علي شير لاشاري جي فرياد تي گناهه نمبر 2016/31 ۽ قلم 302،148،149 هيٺ مقتولڻ جي مڙس قلندڙ بخش کوکر ۽ سندس چئن ڀائرن منظور علي، قادر بخش، صدام حسين ۽ وزير علي کوکر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته شادي جي پهرين رات ڪنوار خانزادي پنهنجي مڙس قلندر بخش کوکر جو چوڻ نه ورتو جنهن سبب هن منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته هن مهل تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ اهڙا چوٻول پڻ آهن ته قلندر بخش کوکر پنهنجي نئين ڪنوار کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *