سري ديوي نئين فلم ۾ اسڪول ٽيچر بڻجندي، شوٽنگ شروع ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) سري ديوي پنهنجي ايندڙ فلم ۾ اسڪول ٽيچر جي ڪردار ۾ نظر ايندي، ڀارتي  سماءَ جي ذريعن مطابق سري ديوي پنهنجي ايندڙ فلم ۾ اسڪول ٽيچر جي ڪردار ۾ نظر ايندي، سري ديوي پنهنجي نئين فلم مام (مان) ۾ هڪ اسڪول ٽيچر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، فلم جي شوٽنگ لاءِ سري ديوي دهلي ۾ موجود آهي، جتي هوءَ نئين فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، سري ديوي جي نئين فلم جو پروڊيوسر سندس مڙس بوني ڪپور آهي ۽ فلم جي مرڪزي اداڪارن ۾ اڪشي کنا به شامل آهي، جڏهن ته پاڪستاني اداڪاره سجل علي سميت فلم ۾ سري ديوي جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان فلمساز جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، سجل جي عدم دستيابي جي صورت ۾ اهو ڪردار اشڪرا هاسن ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *