ڪرسٽوفر نولن پنهنجي نئين فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هاليووڊ جي ڪامياب هدايتڪار ڪرسٽوفر نولن پنهنجي نئين فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڪو ٻيو نه پر باليووڊ اداڪاره ڊمپل ڪپاڊيا کي اهم ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ڪرسٽوفر نولن جي نئين فلم جو نالو ”ٽينٽ“ آهي، جنهن جي ڪهاڻي ٿرلر هوندي. هن فلم جي ڪاسٽ ۾ جون ڊيوڊ واشنگٽن، روبرٽ پيٽنسن، مشيل ڪين جهڙا اداڪار موجود آهن. هاليووڊ رپورٽر جي خبر جي موجب فلم/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 24

”ٽينٽ“ جي ڪهاڻي ايڪشن سان ڀرپور آهي، جنهن جي شوٽنگ 7 ملڪن ۾ ڪئي ويندي. باليووڊ تجزئي نگار راجيو مسند به اداڪاره کي ڪرسٽوفر جي فلم ملڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. ڊمپل ڪپاڊيا جي هاليووڊ ۾ هيءَ پهرين فلم ناهي، ان کان اڳ به هوءَ 2002 ۾ آمريڪي پراڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ”ليلا” ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *