هانيا عامر اڄڪلهه پنهنجي پوسٽن سبب خبرن جي زينت بڻيل

لاهور (شوبز نيوز) مشهور پاڪستاني اداڪاره هانيا عامر اڄڪلهه پنهنجي پوسٽن سبب خبرن جي زينت بڻيل آهي، جنهن تازو هڪ ٻي پوسٽ جاري /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 33

ڪندي چيو آهي ته ذهني مرضن جو دوائن بدران ڌيان سان علاج ڪري سگهجي ٿو. ميڊيا ذريعن موجب اداڪاره هانيا عامر جو ذهني دٻاءَ بابت انسٽاگرام پوسٽ ۾ چوڻ هو ته ذهني بيمارين جو موضوع گهڻو سنجيده ٿيندو پيو وڃي، اصل ۾ اهو مسئلو دورائن بدران ڌيان سان ختم ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڊپريشن جي مرضن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، کين بيمار محسوس ڪرائڻ بدران ساڻس دوستاڻي رويو اختياري ڪري اهڙو ماحول فراهم ڪرڻ گهرجي، جتي هو پاڻ کي ٻين ماڻهن جيان عام سمجهن. اداڪاره جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي ان بابت عام ماڻهن ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر چئن مان هڪ ماڻهو ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *