توکي ايڊز آهي، گهر جي ٻين ڀاتين کي به وائرس پکيڙيندو، مڙس گهرواري کي وڻ سان ٽنگي قتل ڪري ڇڏي، گرفتار

رتوديرو(رپورٽر) ايڊز ٿيو اٿئي هاڻي گهر جي ٻين ڀاتين کي به وائرس پکيڙيندي مڙس گهرواري کي وڻ سان ٽنگي فاسي ڏئي قتل ڪري ڇڏي، ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير رند ۾ هڪ هوا ڄائي 28 ورهين جي زرينا رند جي وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ، توکي ايڇ آءِ وي ايڊز آهي توکي ماري ٻي شادي ڪندس وهشي مڙس اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو آھي، مقتوله عورت جو ڀاءُ ايڇ آءِ وي ايڊز جي رپورٽ پازيٽو ظاهر ٿيڻ تي وحشي صفت مڙس ڀائرن سان گڏجي اسان جي ڀيڻ کي گهٽا ڏئي وڻ ۾ لٽڪائي ڇڏيو. مقتولا جو ڀاءُ  غلام اڪبر رند. رپورٽ موجب رتوديرو لڳ ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير رند ۾ هڪ هوا ڄائي جو وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ، علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس ۽ مقتول جي وارثن پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتولا عورت جي ڀاءُ رئيس اڪبر علي رند ۽ امڙ نهالان خاتون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نياڻي کي ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿي جنهن تي هن کي پنهنجي مڙس بهادر رند چيو ته توکي ايڊز آهي مان توکي ماري ٻي شادي ڪندس تون منهنجي گهر مان نڪري وڃ يا توکي ماري ڇڏيندس اڄ صبح اسان کي ڳوٺ جي رهواسين ٻڌايو ته توهان جي ڀيڻ جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل آهي جنهن جو اسين ڊکڻ پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ جڏهن اتي پهتاسين ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا، ان موقعي تي ڊکڻ ايس ايڇ او عبدالوحيد منگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي جو مک جوابدار بهادر رند گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ ڇاپا لڳايون پيا بقايا گهربل جوابدار جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪنداسين،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *