ڪراچي ۾ ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر نجي ٽي وي جي اينڪر سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دوران نوجوان صحافي سميت 4 ڄڻا مارجي ويا. ڊفينس جي علائقي خيابان بخاري ڪمرشل ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مارجي ويلن ۾ صحافي ۽ ٽي وي اينڪر 34 ورهين جو مريد عباس پٽ امير عباس شامل آهي، جڏهن ته ٻئي شخص جي سڃاڻپ 45 ورهين جي خضر حيات پٽ نذير جي نالي سان ٿي آهي. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جا مڙهه جناح اسپتال پهچايا ويا جتي مقتول جا وارث ۽ صحافي پهتا. پوليس ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ ڪار تي سورا هئا، مريد عباس ۽ خضر  هڪ هوٽل تي ويٺل هئا ته ڪار سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي. واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ موجود بسم الله هوٽل ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. ايس پي گلشن موجب مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال پهچايو ويو جتي مارجي ويلن جي سڃاڻپ 40 ورهين جي عزيز وهاب پٽ سيد نجاف ۽ 22 ورهين جي نازڪ پٽ غلام محمد طور ٿي جڏهن ته زخمي جي برڪت پٽ اياز جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي، هٿياربندن 10 کان 12 فائر ڪيا، فائر ڪيل گولين جا 4 خول مليا آهن. پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل نازڪ آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور هو، مقتول هوٽل ٻاهر بينچن جي ويٺل هئا ته هٿياربندن حملو ڪيو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن گسلتان جوهر ۾ ٻن ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ هڪ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو آءِ جي نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ايسٽ کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *