عظيم اداڪارا ذهين طاهرا لاڏاڻو ڪري وئي

 

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي نامياري اداڪارا ذهين طاهرا ڊگهو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ اڄ لاڏاڻو ڪري وئي آهي .اداڪارا ذهين طاهرا گذريل مهيني دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي طبيعت گهڻي خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو، ذهين طاهرا جي  طبيعت رات دير سان انتهائي خراب ٿي وئي، جنهن ۾ سڌارو نه اچي سگهيو ۽ هوءِلاڏاڻو ڪري وئي.ڪراچي سان تعلق رکندڙ ذهين طاهرا ڏهاڪن تائين پي ٽي وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا ۽  کيس پي ٽي وي جي تاريخ جي سڀ کان سينيئر ۽ بزرگ اداڪارا مڃيو ويندو هو.ذهين طاهرا سوين ڊرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، کيس پي ٽي جي سڀ کان مشهور ترين ڊرامي ” خدا ڪي بستي “ ۾ به اداڪاري ڪرڻ جو اعزاز حاصل رهيو.ليجنڊ اداڪارا ان کانسواءِ عروسه، دستڪ، ديس پرديس، ڪالي آنکين، ڪهانيان، وقت ڪا آسمان، ماسي اور ملڪه، راستي دل ڪي، ڪيسي هين دوريان، شمع، دل ديا دهليز، چاندني راتين، آئينا، تجهه پي قربان سميت ڪيئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.حڪومت پاڪستان شوبز انڊسٽري جي لاءِ يادگار خدمتن جي اعتراف ۾ 2013ع ۾ کيس تمغه امتياز سان به نوازيو هو.ذهين طاهرا جي لاڏاڻي تي شوبز، سياسي ۽ ٻين ناليواري شخصيتن طرفان ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي، اداڪار بهروز سبزواري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ذهين طاهرا سان سندس تعلق ٻالڪپڻ کان هو، هوءَ هڪ انتهائي محنتي عورت هئي ۽ الله سندس مغفرت فرمائي.اداڪار قوي خان به ذهين طاهرا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هن سدائين اصولن تحت ڪم ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *