جج جي آڊيو جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، وفاقي بجيٽ ۾ سنڌ جا 160 ارب ڪٿي نظر نه ٿا اچن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) قانون، اطلاعات ۽ اينٽي ڪرپشن بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضِيٰ وهاب سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪانر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي متن موجب حڪومت وزيراعظم نه پر ريگيوليٽرز ۽ آءِ ايم ايف هلائي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ بجيٽ کانپوءِ مني بجيٽ آندي وئي ۽ نيازي سرڪار گيس جا اگهه وڌائي ڇڏيا، اڄ تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ نئون فيصلو مڙهيو آهي ته هاڻ 3 مهينن کانپوءِ بجلي جا اگهه وڌايا ويندا، جنهن جي نتيجن ۾ غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو ۽ مسئلا وڌندا، هن چيو ته وزيراعظم کان سوال ڪريان ٿو ته خان صاحب توهان ته غريبن جا مسيحا بڻجڻ ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي ۾ انقلاب آڻڻ جون ڳالهيون ڪيون هيون ۽ توهان جون ڳالهيون رڪارڊ تي موجود آهن، 2018 ۾ گرين لائين مڪمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو هو جنهن کي وڏي وزير ساراهيو هو، اڄ بسون آڻڻ جي واعدي سميت ڪيترن ئي واعدن کي ڪيترائي مهينا گذري چڪا آهن ۽ عوام انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن واعدا پورا ڪيا ويندا، پر افسوس نيازي صاحب ڪنهن محل ۾ بند ۽ نٿيا گلي تفريح لاءِ نڪري وڃي ٿو ته عوام جي ڏکن سورن تي مرهم رکڻ جو نٿو سوچي، ڏيکاريل وڏن وڏن خوابن کي پورو نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته 11 جولاءِ تي ڪراچي وارا ۽ نفيس ماڻهو وزيراعظم کان سوال ڪن ته ڪٿي آهن اهي اعلان، گرين لائين بسون، عوام جي خوشحالي جي دعويٰ، هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي جي اهم منصوبن لاءِ رڳو 25 سيڪڙو رقم رکي وئي آهي ۽ ان منصوبي تحت خاص روڊ کوٽيو ويو آهي پر ڪا اميد نظر نٿي اچي، هن چيو ته وزيراعظم باغ ابن قاسم بيهي 162 ارب ڪراچي کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر بجيٽ جي ڪتاب ۾ هن دعويٰ موجب 162 ارب نظر نٿا اچن پر سڄي سنڌ لاءِ ڪجهه به نظر نٿو اچي، هن چيو ته ڪراچي جي عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪري ووٽ ورتا ويا تنهنڪري هاڻ ايم ڪيو ايم ۽ عوام وزيراعظم کان انهن ڪوڙن واعدن بابت پڇاڻو ڪري، هن چيو ته وفاقي حڪومت جو هڪ ئي ڪم آهي ۽ اهو آهي، يوٽرن وٺڻ، جنهن جو مثال اهو آهي ته حيدرآباد يونيورسٽي جو افتتاح اسلام آباد ۾ ويهي ڪيو ويو پر بجيٽ نه آهي، ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي واعدا ڪيا ويا پر هڪ اسپتال جي بجيٽ نه ڏني وئي، اسان سوال ڪريون ٿا ته ڪيستائين عوام جا حق کائيندا رهندا ۽ توهان ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *