ڪراچي ۾ پاڻي جي چوري برداشت نه ڪئي ويندي: چيف جسٽس

ڪراچي  (اين اين آءِ)سپريم ڪورٽ شهر ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرانٽس جي خلاف ڪاروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي خميس تي  سپريمڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ فاضل بينچ شهر ۾غير قانوني هائيڊرانٽس ختم ڪرڻ جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڊي واٽر بورڊ عدالت کي ٻڌايو ته شهر مان 107 غير قانوني هائيڊرانٽس ختم ڪري ڇڏيا ۽ عدالتي حڪم تي 6 قانوني هائيڊرانٽس قائم ڪيا ويا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن غلط بيان ڪئي وئي ته توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ سزا به ملندي، ايم ڊي توهان لکي ڏيو ته هاڻي ڪو نئون غير قانوني هائيڊرانٽس نه ٺهندو، هاشم رضا عدالت کي ٻڌايو ته غير قانوني هائيڊرانٽس ختم ٿيڻ کان پوءِ واٽر بورڊ جي آمدني ۾ اٺ ڪروڙ رپيا اضافو ٿيو آهي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته غير قانوني ڪاروابار ۾ واٽر بورڊ جو عملو ملوث آهي ته ان جي خلاف به  قانوني ڪاروائي ڪيو .  غير قانوني هائيڊرانٽس ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪنداسي. جيڪي هائيڊرانٽس بند ٿي ويا اهي بند ئي هجن، ڪنهن کي ٻيهر ڪم جي اجازت نه ڏينداسي. هائيڊرانٽس مالڪن جي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته زمين اندر کارو پاڻي ڪڍڻ جي اجازت ڏني وڄي جنهن  تي چيف جسٽس چيو ته پاڻي مٺو هجي يا کارو ان کي بند رهڻ گھرجي وڪيل چيو ته اهڙِ طرح فيڪٽري کي نقصان ٿيندو ۽  اهي بند ٿي وينديون ، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته فيڪٽرين جي لاءِ ٽينڪر   هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيون، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اسان ڪيس ختم ڪري رهيا آهيون سپريمڪورٽ کي غير ضروري ڪيسن  جي بار هيٺا تباهه نه ٿو ڪري سگهجي، اسان جو ڪم حڪومت ڪرڻ ناهي هي ڪم حڪمرانن کي ڪرڻ ڏيو، عدالت ڪيس اڪلائيندي، انتظاميا کي شهر ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرانٽس جي خلاف ڪاروائي جاري رکڻ  جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *