زرداري جي طاهر القادري سان ملاقات، متاثرن سان گڏ آهيون: اڳوڻو صدر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري وچ ۾ لاهور منهاج القرآن سيڪريٽريٽ لاهور ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ باقر نجفي رپورٽ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي تي عوامي تحريڪ سان گڏ آهيون، شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ ظلم جو بدترين مثال قائم ڪيو ويو، متاثرن کي ساڍا 3 سال گذري وڃڻ باوجود انصاف ناهي مليو. آصف زرداري چيو ته 14 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو پر ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي، عوامي تحريڪ ۽ متاثرن جي صبر تي فخر آهي، اسان به شهيدن جا وارث آهيون ۽ سندن تڪليف جو احساس آهي. ان موقعي تي طاهر القادري چيو ته رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ قاتل ۽ رٿابندي ڪندڙ بي نقاب ٿيا.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *