آمريڪي ڊرون جهاز ملڪي حدن ۾ آيا ته ڪيرائي ڇڏينداسين: پاڪ ايئر چيف جو اعلان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته اساما بن لادن ڪيس ۾ اسان کان غلطي ٿي، جڏهن ته آمريڪي ڊرون جهازن جي ڀڃڪڙي تي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ملڪي حدن جي ڀڃڪڙي ٿي ڊرون ڪيرائي وٺنداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ايئر فورس جي سربراهه سهيل امان چيو ته ڪامرا ايئر بيس تي حملو ايئر فورس جي تاريخ جو سڀ کان وڏو حملو ۽ افسوس ترين سانحو هو، اسان سانحي ۾ وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي پر حوصلو رکيو، اسان همت ۽ حوصلي سان شدت پسندي خلاف ڪوششون جاري رکيون ۽ ايئر فورسز کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪو امن ڪيترائي ملڪ نه آڻي سگهيا اهو اسان آندو جنهن جو اعتراف ڀارتي فوجي اختيارين به ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪامرا بيس حملي ۾ دهشتگردن هڪ ساب ايئر ڪرافٽ جهاز مڪمل طور تباهه ڪيو جڏهن ته ٻين کي جزوي طور نقصان پهتو، جهازن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عالمي اداري 287 ملين ڊالرز گهريا پر ساڳيا جهاز اسان جي نوجوانن، انجنيئرن سائنسدانن نه رڳو 25 ملين ڊالرز ۾ ٻيهر اڏام لاءِ تيار ڪيا ۽ پاڪستان ساب جهازن جي پنجين سرٽيفڪيشن ايجنسي بڻجي ويو آهي. ايئر چيف چيو ته هاڻي اسان پاڻ جنگي جهاز ٺاهينداسين ۽ ايئر ٽيڪنالوجي لاءِ خيرات نه گهرڻي پوندي، پاڪستان ساليانو 16 کان 20 جي ايف 17 ٿنڊر جهاز تيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي، هر فرد قوم جي ترقيءَ جو ذريعو آهي، رڳو بهترين دماغن کي رستي تي آڻڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *