ڪراچي ۾ ٻوريون وجهي سيوريج لائيون ۽ گٽر بند ڪندڙن جي ڳولا جي ذميواري رينجرز حوالي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ واري، بجري ۽ پٿرن جون ٻوريون وجهي سيوريج لائيون ۽ گٽر بند ڪندڙن جي ڳولا جي ذميواري رينجرز کي ڏني ويئي شهر ۾ سيوريج جي مين لائينن مان بجري ۽ پٿر جون ٻوريون نڪرڻجو سلسلو وڌي رهيو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ رينجرز کي حڪم ڏنا ويا جنهن کان پوءِ رينجرز ڪراچي شهر جي مين هولز ۾ بجري جون ٻوريون وجهي بند ڪندڙ اڻڄاتل شرپسندن جي ڳولا ۽ علائقي واسين کان ڄاڻ وٺڻ شروع ڪري ڇڏي مڪمل ثبوت ملڻ کان پوءِ گرفتاريون به ٿينديون سهر جي مختلف علائقن، ملير، ڪورنگي، لانڍي، حسين آباد، سرجاني، ناظم آباد، نيوڪراچي، نارٿ ڪراچي سميت اولڊ ستي ايريا جي اڪثر علائقن مان صفائي وقت بجري سان ڀريل ٻوريون هٿ آيون اهن جيڪي پاڻي کي روڪڻ جو سبب بڻجي رهيون هيون شهر جا ڳچ علائقا ڪني پاڻي جو تلاءُ وارو ڏيک ڏيئي رهيا آهن جڏهن ته جڳهه جڳهه گندي پاڻي شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ماڊل ملير زون سعودآباد بن داد جي سامون مين هولز مان 10، کوکراپار پي ايس او پيٽرول پمپ جي سامهون مين هولز مان 7 کان وڌيڪ، ماڊل ڪالوني سعيد سپر اسٽور مان 11، ماڊل ڪالوني ڊاخانه مان 10 جڏهن ته جلباڻي ڳوٺ مان اٽڪل 60 ٻوريون سيوريج جي نالن مان هٿ آيون آهن جنهن سان سيوريج لائيون بند ٿي ويون جنهن سان ڪنو پاڻي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ گڏ ٿي رهيو هو ٻئي پاسي وفاقي وزير علي زيدي جي ٽيوٽ ۾ گٽر ۽ نالن مان ٻوريون ڪڍندڙ سينيٽري ورڪز جو پتو لڳايو ويو سينيٽر ورڪز صدر سرافا بازار ۾ سيوريج لائين مان نڪرندر ٻورين سميت بيٺو هو ۽ ان کي جيولرز سيوريج لائون کولڻ لاءِ گهرايو هو وفاقي وزير علي زيدي ڪراچي ۾ سيوريج جي نظام کي برباد ڪرڻ لاءِ گٽرن ۾ ٻوريون وجهڻ جي سازش جو انڪشاف ڪيو هو ۽ اهي تصويرون به ٽوئٽ ڪيون هيون جن ۾ روڊ رستي ڪجهه ماڻهو گٽر مان نڪتل ٻورين سميت بيٺل نظر اچي رهيا هئا وفاقي وزير علي زيدي جيڪا تصوير ٽوئٽ ڪئي ان ۾ جيڪو سينيٽر ورڪر بيٺو آهي اهو رنڇوڙلائين جو رهواسي 22 سالن جو ساجن آهن ساجن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي والد سان ننڍپڻ کان سرافا بازار جي ڪارخانن مان نڪرندڙ گند گڏ ڪري سون جا زرڙا ڪڍندڙن کي وڪرو ڪري ٿو جنهن ۾ سون جا زرا نڪرن ٿا تازين برساتن ۾ علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ سيوريج نظام ڊانواڊول ٿي ويو پريشان سونارن سيوريج جي نظام جي بحالي لاءِ سينيٽري ورڪرز سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت سيوريج جي نظام کي بهال ڪيو ان ڪم ۾ حصو وٺندڙ ٻين مزدورن جو چوڻ هو ته سرافا بازار جي ٻين مرڪزي گهٽين مان سيوريج جي نالن مان 150 ٻوري مٽي ۽ گند ڪڍيو ويو ان عمل جي ڪنهن تصوير ٺاهي سوشل ميڊيا تي وجهي ڇڏي ۽ وفاقي وزير بنا تحقيق ۽ تصديق انهن ٻورين کي نالن ۾ وجهڻ جو شڪ ظاهر ڪندي سي سي ٽي وي فوٽيج پوسٽ ڪري ڇڏي هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *