بلاول ڀٽو زرداري جي بيان مان ملڪ دشمني ڪڍي ڏيکاريو: پيپلز پارٽي جو حڪومتي ميمبرن کي چئلينج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان پارٽي جي چيئرمين جي بيان تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي رد عمل تي جواب ڏيندي حڪومتي ميمبرن کي چيلينج ڪيو آهي هو بلاول ڀٽو زرداري جي بيان مان ملڪ دشمني ڪڍي ڏيکارين. سينيٽر شيري رحمان پرڏيهي وزير طرفان قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بابت ڏنل بيان تي چيو ته شاهه محمود قريشي بلاول ڀٽو جي بيان تي بنا ٻڌي تبصرو ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌو ديش ۽ پختونستان جي تصورن جي مذمت ڪئي، ان ڪري حڪومتي ميمبرن سڄي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پنهنجي  زبان کي زحمت ڏيندا ڪن. گڏوگڏ ئي هن حڪومتي ميمبرن کي چيلينج ڪيو ته حڪومتي ميمبر، بلاول ڀٽو جي بيان مان ملڪ دشمني ڪڍي ڏيکارين. سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي 18هين آئيني ترميم ڪري سنڌو ديش ۽ پختونستان جو نعرو لڳائيندڙن کي ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جو آواز آهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عليحدگي پسند عنصرن جي خلاف سڀ کان وڏي قوت آهي. پر سندس چوڻ هو ته حڪومت سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمن جي الزام تي لهي آئي آهي. خيال رهي ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هوت توهان سوچيو ته جيڪڏهن ڪالهه بنگلاديش بڻيو هو ته توهان جيڪڏهن ظلم ڪندا رهندا ۽ پيپلز پارٽي جهڙي پارٽي بيهندي ته ڪلهه سنڌوديش به بڻجي سگهي ٿو. سرائيڪي ديش ۽ پشتونن جو ديش به بڻجي سگهي ٿو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته بنگلاديش ٺهي ويو هاڻ جيڪڏهن ظلم جو سلسلو برقرار رهيو ته سنڌو ديش ۽ سرائڪي ديش به ٺهي سگھن ٿا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڪنهن صورت ۾ سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پ پ آخري حد تائين سنڌ لاءِ وڙهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *