آزاد ڪشمير تي قبضي لاءِ مڪمل تيار آهيون، آخري فيصلو حڪومت ڪندي: ڀارتي آرمي چيف پاران ڌمڪي

.نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي فوج جي سربراهه جنرل بپن راهوت چيو آهي ته ڀارتي فوج پاڪستان جي آزاد ڪشمير تي قبضو ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي جڏهن ته ان حوالي سان آخري فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي جيڪڏهن حڪومت اسان کي حڪم ڏي ته اسان جي سموري تياري مڪمل آهي والاريل ڪشمير ۾ گذريل 30 سالن کان صورتحال پريشان ڪندڙ آهي ۽ ڀارتي فوج جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي هي ان جي مفاد ۾ وڇي ٿو ۽ جلد کين خبر پئجي ويندي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ڀارتي ٽي وي موجب ڀارتي هڪ سوال جي جواب ۾ ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ تقريب ۾ ڄمون ڪشمير کي ڀارتي ڪشمير چيو آهي ان جي جواب ۾ بپن راوت جو چوڻ هو ته مون کي خوشي آهي ته پاڪستاني پرڏيهي وزير حقيقت تسليم ڪئي آهي ۽ هي حقيقت آهي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ بپن راوت جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 30 سالن کان صورتحال پريشان ڪندڙ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *