ڪراچي ۾ ناٿاخان برج جي هيٺان شاهراه فيصل تي يوٽرن جي تعمير ۾ ريلوي رڪاوٽ بڻجي ويو: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي ناٿا خان برج جي هيٺان شاهراه فيصل تي شهرين لاءِ يوترن جي اڏاوت ۾ پاڪستان ريلوي رنڊڪ بڻجي ويو ريلوي انتظاميه يوٽرن جي تعمير بند ڪرائي ڇڏي، سنڌ حڪومت پاران شروع ڪيل منصوبي م رنڊڪون وجهي ڇڏيو. تفصيل مطابق شاهراه فيصل تي شهرين لاءِ ناٿا خان فلائي اوور جي هيٺان يوٽرن تعمير ٿي رهي هئي، سنڌ جي وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار، سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هي تعمر شروع ڪرائي وئي جڏهن ته پاڪستان ريلوي ان تي اعتراض ڪندي منصوبي جي تعمير ۾ رنڊڪون وجهي ڇڏيون آهن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب مطابق يوٽرن جي تعمير دوران ريلوي کاتي پاران رنڊڪون وڌيون پيون وڃن سنڌ حڪومت يوٽرن جي تعمير لاءِ روڊ تي ڪارپٽنگ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪم تيزي سان ٿي رهيو آهي هي يوٽرن شاهه فيصل ڪالوني، ۽ لاڳاپيل علائقن جي عوام لاءِ وڏي سهولت هوندي. روزانو هزارين گاڏيون هتن لنگهن ٿيون. جن کي هي يوٽرن مان فائدو ٿيڻو آهي، هن چيو ته اسان ريلوي لائين کي متاثر ڪرڻ بنا يوٽرن ٺاهي رهيا آهيون ريلوي انتظاميه کي ان مقصد ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *