پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ ڪوشان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ ڪوشان آهي، افغان ڌرين وچ ۾ گڏيل سياسي حل چاهيون ٿا. آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي انٽيليجنس سروس جي سربراهه رچرڊ مور سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن، انٽيليجنس ۽ دفائي تعاون سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آئي ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ آمريڪي واپسي کانپوءِ افغانستان جي صورتحال ۽ علائقائي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي رچرڊ موور علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستاني اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي هر ممڪن مدد لاءِ پرعزم آهي، افغان ڌرين وچ ۾ گڏيل سياسي حل چاهيون ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *