پي ڊي ايم جا فيصلا شهبازشريف ناهي ڪندو، پرامن افغانستان سڄي خطي لاءِ اهميت رکي ٿو: مولانا فصل الرحمان

ملتان (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اهو تاثر غلط اهي ته پي ڊي ايم جا فيصلا شهبازشريف ڪري ٿو طالبان جا معاملا حل ڪرڻ لاءِ رياست کان اڳتي نٿو وڃڻ چاهيان افغانستان ۾ ڇڪتاڻ واريون حالتون هاڻي حل ٿيڻ واريون آهن گذريل ڏينهن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته طالبان ڊگهي عرصي کان پوءِ ٻيهر افغانستان جو ڪنٽرول سنڀاليو آهي ۽ انهن طرفان وسيع البنياد حڪومت قائم ڪرڻ جي بيان جي آجيان ڪيون ٿا هن چيو ته عالمي برادري هاڻي طالبان تي شرط نه لڳائي پر ان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ۽ پنهنجي شڪست تسليم ڪري هن چيو ته 20 سالن تائين افغانستان ۾ رت وهائيندڙ اتي شرطن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته هي عجيب لڳي ٿو مولانا فضل الرحمان چيو ته پرامن افغانستان نه رڳو افغان عوام پر خطي لاءِ ضروري آهي ان سان جوڳا نتيجا نڪرندا هن چيو ته افغانستان ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي مان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو افغانستان ۾ اهڙيون طاقتون موجود آهن جيڪي امن جي مشن کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿيون پر انهن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو هن چيو ته مون وٽ اطلاع آهن ته افغانستان ۾ خراب حالتون هاڻي حل ٿيڻ واريون آهن، طالبان بابت ٽياڪڙي جي ڪردار جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته مان هڪ سياسي ڪارڪن آهيان طالبان جا معاملا حل ڪرڻ لاءِ رياست کان اڳتي نٿو وڃڻ چاهيان هن چيو ته پي ڊي ايم هاڻي به متحرڪ ۽ منظم آهي. هي تاثر غلط آهي ته پي ڊي ايم جا فيصلا شهبازشريف ڪري ٿو پر پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي ٿيندڙ فيصلن ۾ سمورين پارٽين جي راءِ شامل هوندي آهي هن چيو ته هاڻي پي ڊي ايم نه پر پيپلزپارٽي کي طئي ڪرڻو آهي ته اها مستقبل ۾ ڇا چاهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *