ڪراچي ۾ مقابلا، 5 هٿياربند مارجي ويا، رينجرز ۽ پوليس ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينا مقابلن دوران 5 هٿياربند مارجي ويا، رينجرز ۽ پوليس  ڪيترن کي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.سپر هاءِ وي تي نيو سبزي منڊي وٽ پوليس سان مقابلي ۾ 2 ڏوهارين کي ماريو ويو.قائدآباد جي مولاداد قبرستان وٽ مبينا مقابلي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا.پي آءِ بي ڪالوني ۽ گلستان جوهر جي علائقن مان 6 جوابدارن سميت 41 شڪين کي پڪڙيو ويو.گلشن اقبال جي علائقي عباس ٽائون ۾ رينجرز ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري 3 جوابدار گرفتار ڪيا، جن ۾ باقر، جوني ۽ عارف شامل آهن.رينجرز ذريعن موجب ٽنهي جوابدارن گلشن چورنگي ويجهو ڦر دوران هڪ شخص کي قتل ڪيو هو….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *