شاهه رخ جتوئي ڪيس ۾ مدد نه ڪرڻ تي الزام تراشي ٿي رهي آهي، قانوني جنگ وڙهندس: پير مظهر الحق

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق چيو آهي ته هڪ سنڌي ٽي وي چينل جو مالڪ ۽ اينڪر پرسن سندس خلاف پنهجي ٽي وي چينل تي ڪوڙي ۽ من گهڙت پروپيگنڊه ڪري رهيو آهي، هڪ بيان ۾ پير مظهر الحق چيو ته نوڪريون کپائڻ وارو بي غيرت ئي ٿي سگهي ٿو. پير مظهرالحق چيو ته حقيقت هي آهي ته مذڪوره ٽي وي چينل جو مالڪ ۽ ان جو مذڪوره ملازم مون وٽ آيا ۽ چيو ته شاه زيب قتل ڪيس ۾ اسانجي مدد ڪيو ڇو ته هن قتل ڪيس ۾ اوهان جي ڪوآرڊينيٽر ۽ سياسي دوست نويد زبيري جو ڀائيٽيو محمد احمد زبيري اکين ڏٺو شاهد آهي ڪنهن به طريقي سان اوهان ان جو بيان تبديل ڪرائي ڏيو، مون صاف انڪار ڪيو ۽ چيو ته ان معاملي ۾ ڪابه مدد نٿو ڪري سگهان ۽ نه ئي ڪندس جنهن تي شاهه رخ جتوئي جو والد سڪندر جتوئي ۽ ان جي ٽيم هاڻي منهجي خلاف اندر جي باهه ڪڍي رهيا آهن ۽ مسلسل ڪوڙي پروپيگنڊه ۾ مصروف عمل آهن. هن چيو ته سڪندر جتوئي کي  تمام سٺي طرح سڃاڻان ٿو هو ماضي ۾ زيل پاڪ سيمنٽ فيڪٽري ۾ مزدور طور ڪم ڪندو هو ۽ هاڻ هو کرب پتي ڪيئن بڻيو، نيب کي ان جي تحقيقات ڪرڻ گهرجي. الحمدالله مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل ۽ سنڌ جي اڳوڻي چيف منسٽر ۽ قائد اعظم جي سياسي رفيق پير الاهي بخش جو پوٽو آهيان، مون وٽ الله پاڪ جو ڏنل ايترو ضرور آهي جو نوڪرين کپائڻ جهڙي ذليل ڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر چند سالن ۾ ارب پتي بڻجڻ وارا ڪنهن منهن سان الزام تراشين تي لهي آيا آهن. هن چيو ته هو هڪ وڪيل آهي ۽ ان مِيڊيائي مافيائن جي خلاف قانوني جنگ لڙندو ۽ جلد انهن جي خلاف ڪورٽ ۾ هرجاڻي جي دعوي داخل ڪندس.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *