عمران خان جسٽس (ر) وجيهه الدين ٽربيونل جي فيصلن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين ٽربيونل جي فيصلن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس وجيهه الدين احمد ٽربيونل جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي عمران خان چيو ته ٻيهر پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي فيصلي کانپوءِ ٽربيونل ختم ٿي چڪو آهي.هن چيو ته ختم ٿيل ٽربيونل وٽ فيصلا ڪرڻ جا ڪي به اختيار نه آهن.سندس چوڻ هو ته ٽربيونل کي اختيار ناهي ته پارٽي جي سينئر عهديدارن کي نشانو بڻائي.عمران خان چيو ته جسٽس وجيهه الدين احمد جي ٽربيونل جي فيصلن کي قبول نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *