ڪراچي ۾ مختلف واقعا، ۸ ڄڻا مارجي ويا، ۵ ڄڻا گرفتار

ڪراچي(م،ڊ)  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ ٻين واقعن ۾ ۸ ڄڻا مري ويا آهن. تفصيل موجب اورنگي ٽائون کان گرفتار ۲ جوابدار پوليس آفيسر جا قاتل نڪتا، جڏهن ته گلبرگ پوليس هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، ڊاڪس جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب اسماعيل نالي همراهه مارجي ويو. سچل جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ برڪت نالي شخص مارجي ويو، پوليس موجب مقتول چوڪيدار کي ذاتي جهيڙي دوران قتل ڪيو ويو. لانڍي ريڙهي ڳوٺ ۾ ۳ کان ۴ ڏينهن پراڻي لاش ملي، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، لياري جي علائقي ۾ چاڪيواڙا ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو. ميمڻ ڳوٺ ۾ گهريلو جهيڙي ۾ ۲ عورتون ۽ هڪ مرد مارجي ويا. اورنگي ٽائون ۾ تنوير نالي شخص مارجي ويو، پوليس موجب اقبال مارڪيٽ پوليس ڦر دوران قتل جي وارداتن ۾ ملوث ٻه ڏوهاري رفيق ۽ شير علي کي گرفتار ڪيو، جوابدارن جاچ دوران اعتراف ڪيو ته هن پوليس آفيسر شهزاد کي ڪورنگي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. ايس پي بشير بروهي موجب نارٿ ناظم آباد بلاڪ سي ۾ هڪ ڄڻي کي چيڪنگ لاءِ روڪيو ته هن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽر سائيڪل ملي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *