احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون: سراج الحق

لاهور(م.ڊ) جماعت اسلام جي امير سراج الحق چيو آهي ته احتساب جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهيون تنهن هوندي جيڪڏهن عدالتن مايوس ڪيو ته چوڪن ۽ چوراهن تي اچڻ کان سواءِ ڪو به ٻيو رستو ناهي. ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رهندي، پاڪستان جو پيسو پرڏيهه منتقل ٿيو. ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڀارت طرفان پاڻي بند ڪرڻ جي اعلان کي جنگ جو اعلان سمجهون ٿا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته اسان ئي نانگن کي کير پياري زهريلو بڻايو ۽ هاڻ قوم کي ڦڙيو لٽيو پيو وڃي ۽ دنيا ۾ بدنام به ڪيو پيو وڃي. ڪرپشن خلاف اسان سان گڏ آواز اٿارڻ وارن کي ڀليڪار چونداسين، عوام چاهي ٿو ته ملڪ لوٽڻ وارن جو احتساب ٿئي پر حڪمران چاهن ٿا ته احتساب جو نعرو دٻجي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *