بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، واٽر بورڊ ۽ ٻيا ادارا ميئر حوالي ڪيا وڃن: فاروق ستار

ڪراچي(م.ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي واٽر بورڊ ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت مختلف ادارا ميئر وسيم اختر جي ماتحت ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪنهن کي افواهن پکيڙڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اڄ جي جلسي 23 آگسٽ واري فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  اڃڄ جو تاريخي جسلو ڪرڻ ت ڪراچي وارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته جلسي ۽ جلسي ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.  مڪاني نظام ۽ ادارا مضبوط ڪرڻ اسان جو مشن آهي. جمهوريت کي هيٺين سطح تي پهچايو وڃي. هن چيو ته عوام تقسيم ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو. وسيم اختر کي لکين ماڻهن ووٽ ڏئي ميئر چونڊرايو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻيا اهم ادارا مڪاني نظام جي ماتحت ڪيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي آبادي کي گھٽ ڪري ڏيکاريو ٿو وڃي، هاڻي اها راند ختم ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته واٽر بورڊ کي ڪراچي ميٽرو پوليٽن جي ماتحت ڪيو وڃي. ماسٽر پلان به مقامي ماڻهن حوالي ڪيو وڃي. سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ به ڪي ايم سي حوالي ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *