ڪراچي ۾ متحده جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي:خالد مقبول صديقي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پنهنجي ڪارڪن جي قتل تي ٻن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پارٽي جا 92 ڪارڪن اڃان تائين غائب آهن. نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ڪراچي ۾ متحده جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته سندن ڪارڪنن جو عدالتن کان مٿانهون قتل جو سلسلو جاري آهي. هن ڪارڪنن جي قتل تي ٻن ڏينهن جي سوڳ لاءِ واپارين کي اپيل ڪئي. هن چيو ته سرڪاري اهلڪار گهرن ۾ داخل ٿي ڪارڪنن کي اغوا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪنور نويد جميل چيو ته ڪراچي آپريشن جو مطالبو ايم ڪيو ايم ڪيو هو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا 92 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن. هن چيو ته جاري آپريشن ڪجهه ڏينهن بعد سياسي رستو اختيار ڪيو. ڪنور نويد جميل چيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ته عدالتون به دٻاءُ جو شڪار آهن. هن صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير تي زور ڀريو ته اهي ڪارڪنن جي قتل جو نوٽيس وٺن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *