معاشي ترقي لاءِ پرامن ايٽمي ٽيڪنالاجي تائين پهچ ضروري آهي : پاڪستان

واشنگٽن (م.ڊ) پاڪستان آمريڪا تي معاشي ترقي لاءِ پرامن ايٽمي ٽيڪنالاجي تائين پهچ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. واشنگٽن ۾ پاڪ – آمريڪا ورڪنگ گروپ جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ اهڙو مطالبو ڪيو ويو. پاڪ – آمريڪا ورڪنگ گروپ جو ستون اجلاس واشنگٽن ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي تائين پهچ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن کي روڪڻ تي به زور ڏنو ويو، جڏهن ته غير رياستي عنصرن جي انهن هٿيارن تائين پهچ روڪڻ جو عزم به ورجايو ويو. اجلاس جي صدارت پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ آرمز ڪنٽرول بابت آمريڪا جي نائب پرڏيهي سيڪريٽري روز گوٽموئلر گڏيل طور ڪئي. اجلاس دوران ٻنهي ملڪن عالمي برادري جي ڀلائي لاءِ هٿيارن تي پابندي واري اهميت تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ آمريڪا اهو عزم ورجايو ته هو وڌيڪ ڪو به ايٽمي تجربو نه ڪندو، پاڪستان به اهو عزم ورجايو ته هو خطي ۾ ايٽمي تجربو ٻيهر ڪرڻ لاءِ اڳرائي نه ڪندو. پاڪستان چيو ته هٿياربند ٽڪراءَ کان بچڻ ۽ اعتماد وڌائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ايٽمي صلاحيت برقرار رکي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *