عوامي نيشنل پارٽي پاران ڪي پي ڪي ۾ حڪومت کان استعفيٰ جو مطالبو

پشاور (بيورو) عوامي نيشنل پارٽي ڪي پي ڪي ۾ حڪومت کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نگران سيٽ اپ جوڙي نيون چونڊون ڪرايون وڃن. اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور ڌانڌلين ۽ پرتشدد واقعن کانپوءِ ڪي پي ڪي سرڪار کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته نگران سيٽ اپ جوڙي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊون شفاف نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته ميان افتخار سان جيڪي ڪجهه ٿيو، ان جو وياج سميت پلاند ورتو ويندو. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ نين چونڊن لاءِ مختلف سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ سندس گهر واري پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *