ڪراچي ۾ دهشتگردي: تحريڪ انصاف سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ بس تي دهشتگردي جي خطرناڪ واقعي کان پوءِ پيپلزپارٽي قائم علي شاهه جي جڳهه ڪنهن فعال شخص کي عهدو ڏي هڪ بيان ۾ ڪراچي ۾ اسماعيلي ڪميونٽي جي بس تي بدترين دهشتگرد حملي تي مذمت جو اظهار ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فائرنگ جو واقعوسنڌ حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي سنڌ جو وڏو وزير جلد استعفيٰ ڏي ڪراچي ۾ ڪائي قيادت نظر نٿي اچي پيپلزپارٽي ڪنهن فعال شخص کي عهدو ڏي هن چيو ته ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ رينجرز سٺو ڪردار ادا ڪيو ڌوهاري ماڻهو ۽ ٽارگيٽ ڪلرز سميت ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ڪيا پر ان جي رستي ۾ ڪراچي جي سياست وڏي رنڊڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *