فوتين لاءِ 5 لک ۽ زخمين کي 2 لک ڏيڻ جو اعلان، دهشتگردي جو واقعو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي:وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت، ڪراچي واقعي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ 5 – 5 لک ۽ زخمين کي 2 – 2 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چوڻ آهي ته دهشتگردي جو واقعو امن خراب ڪرڻ جي سازش آهي، ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سنڌ جَي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صفوران چورنگي واقعي جو سختيءَ سان نوٽيس وٺي ڇڏيو. وڏي وزير آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي کي حڪم ڏنو ته واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سيد قائم علي شاهه، آءِ جي سنڌ کي اهو به حڪم جاري ڪيو ته لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي بنا دير معطل ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مارجي ويلن جي وارثن کي 5 – 5 لک رپيا ۽ زخمين کي 2- 2 لک رپيا امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. قائم علي شاهه چيو ته صفوران چورنگي واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙَي ۾ آندو ويندو. وڏي وزير چيو ته دهشتگردي جو واقعو سوچيل سمجهيل سازش آهي ۽ اهو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *