پاڪ چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽِي جوڙي ويندي: پ پ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پيپلز پارٽي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جوڙي ويندي، منصوبي جي نگراني ڪندي، ڪنهن جي فنڊ وٺڻ ۽ ڏيڻ سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبي تي ڪو به فرق نه پوندو، اها ڳالهه سينيٽ ۾ چوڌري اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد شاهه پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا بابت بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، اعتزاز احسن چيوته پاڪ چين اقتصادي رٿا بابت اڄ وزيراعظم اي پي سي ۾ وزيراعظم پاڪستانجي مودگي ۾ وفاقي وزير احسن اقبال تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ان جي نقطن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، ان حوالي سان پارليامينٽ جي گڏيل ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا رٿا جي نگراني ڪندي، هن چيو ته اقتصادي راهداري رٿا جي روٽ تي ڪجهه جماعتن جا خدشا هئا، ان تي بريفنگ رهيل هئي ته ڪراچي سانحو ٿيو جنهن سان پوري قوم ڏکائجي وئي، هن چيو ته واقعي کانپوءِ آصف علي زرداري ڪراچي روانو ٿي ويو، وزيراعظم به ڪراچي وڃي رهيو آهي، اعتزاز احسن چيو ته روٽ جي تبديلي بابت بريفنگ بعد ۾ ڏني ويندي، سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن جي فنڊ وٺڻ يا ڏيڻ سان رٿا تي ڪو به فرق نه پوندو، اڄ سڀ متفق هئا سي هن منصوبي بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا مسئلي تي غور ڪندي، هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ بي گناهه ڪميونٽي کي نشانو بڻايو ويو، شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 3 سوال رکيا آهن، اسان جا سوال جيئن جو تئين موجود آهي، اسفند يار ولي چيو ته رٿا بابت اسان جا خدشا دور ناهن ٿيا، وزيراعظم ٻيهر اجلاس ڪوٺرائڻ لاءِ چيو آهي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *